چانڊيو ڀرڪيو شاهاڻي

چانڊيو، ڀرڪيو شاهاڻي: ڀرڪيو شاهاڻي چانڊيو، ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ بهادر سپاهي ٿي گذريو آهي. سندس تعلق مارفاڻي چانڊين سان هو. جوانيءَ ۾ وڏي بهادريءَ سان مرزا شاهه حسن ارغون جي لشڪر سان ڇاپا مار جنگيون ڪيائين. جڏهن مرزا شاهه حسن چانڊين کي عام معافي ڏيڻ جـو اعـلان ڪـيو ۽ پـاٽ جـي شـهـر ۾ صـلحنامـو ٿيـو ته ڀرڪيي چانڊئي گوشي نشيني اختيار ڪري ڇڏي. گوشي نشينيءَ دوران عبدالله شاهه گودڙئي جا مٽ وڃي ڀريندو هو ۽ خود به بزرگيءَ جو مرتبو ماڻيائين. ڀرڪيي شاهاڻيءَ وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو